سنڌ

بدين ۾ جيالن کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري، ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان، بک هڙتال ختم

پيپلزپارٽي ضلعي بدين جي ڪارڪنن مخصوص سيٽن جي معاملي تي پنهنجو احتجاج ڇهين ڏينهن ختم ڪري ڇڏيو. بدين ۾ مسلسل 6 ڏينهن کان جاري بک هڙتالي ڪئمپ تي پيپلزپارٽي جو ضلعي اطلاعات سيڪريٽري فدا حسین مينڌرو ۽ ڊاڪٽر سجاد چانڊيو پهتا، جن ورڪرن کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين توهان جو پيغام پهتل آهي، اسان کي پارٽي جي اعليٰ قيادت طرفان حڪم مليو آهي ته اوهين بک هڙتال ختم ڪريو، باقي توهان جي مسئلن تي هڪ ڪميٽي ٺاهي جاچ ڪئي ويندي ۽ ضلعي ۾ مخصوص سيٽن تي ڪيترا جيالا آيل آهن ان تحت ضلعي قيادت کان پڇاڻو ٿيندو. اهڙي خاطري تي پ پ ڪارڪنن هلي آيل اڳواڻن تي اعتماد جو اظهار ڪندي بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button