سنڌ

هوسڙي ۾ پورهيت جي گهر تي ڪاهه ۽ تشدد خلاف مظاهرو، ڌرڻو

هوسڙي ڀرسان سيري ٿاڻي جي حد ۾ چوري الزام مڙهي پورهيت جي گهر تي ڪاهه ۽ گهرڀاتين تي تشدد ڪرڻ تي سوين ماڻهن بااثر شخص خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد- ٽنڊو محمد خان روڊ تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن بعد ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ڳوٺاڻن اميد علي رند، نصير رند، حاجي خان رند، مير محمد لغاري ۽ ٻين چيو ته پورهيت نصير رند کي رمضان بروھي ۽ سندس ساٿين چار ڏينهن اڳ گھران کڻي اچي بيٽري چوري واري ھنڌ سندس پير ھڻائي ٻيھر واپس موڪلي ڇڏيو، جنهن بعد بنا ڪنهن عورت پوليس اھلڪار جي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري گھر ۾ گھڙي ڀاتين تي سخت تشدد ڪيو ويو، اسان علائقي جي چڱن کي دانهن ڏني پر ڪو کڙتيل نه نڪتو. ھنن ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته گهر تي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف سيري پوليس 3 ڪلاڪ دير سان پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪيون ۽ رمضان بروھي ۽ سندس ماڻھن خلاف قانوني ڪاروائي جو يقين ڏياري روڊ کولرائي ورتو. رابطو ڪرڻ تي رمضان بروھي چيو ته مون وٽ ھائوسنگ اسڪيم تي چوڪيداري آھي ۽ اسڪيم تان چار ڏينهن پھرين بيٽري چوري ٿي ھئي، اسان چور جي ڳولا لا کوجي ڪتا گھرايا جن وڃي نصير رند جي گھر ۾ پيرا ھنيا، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button