پاڪستانسنڌ

ٿر جي بجلي سڄي ملڪ کي روشن ڪري ڇڏيندي:وفاقي وزير خرم دستگير

توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ وارو منصوبو انتهائي اهم آهي، ڇو ته بجلي جي پيداوار لا ڊالر خرچ نه ڪرڻا پوندا، حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ “ٿر کان مٽياري ٽرانسميشن لائين” جي افتتاحي تقريب دوران ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهبار شريف جي هدايتن موجب اين ٽي ڊي سي سميت لاڳاپيل اختيارين 4 مهينن جي مختصر عرصي دوران سخت محنت ڪري ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيل بجلي جي مٽياري تائين ٽرانسميشن وارو مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن بعد هاڻ مٽياري کان لاهور تائين ٽرانسمينشن جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ٿر جي ڪوئلي مان ٺهندڙ هڪ هزار 980 ميگاواٽ بجلي وارو هي منصوبو 4 سال اڳ مڪمل ٿيڻو هو پر عوام ۽ ترقي دشمن حڪومت هن منصوبي کي رلائي ڇڏيو، هو هينئر به باهيون لڳائي رهيا آهن ۽ اسان عوامي ڀلائي وارن منصوبن کي اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون. هن چيو ته هي منصوبو وزيراعظم شهباز شريف جو ملڪ جي عوام لاءِ هڪ تحفو آهي، ٿر جي بجلي سڄي ملڪ کي روشن ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته هن منصوبي تحت 10 ارب رپين جا ٺيڪا مقامي ڪمپنين کي ڏنا ويا، بجلي جي رسائي لا لڳايل ٿنڀا ۽ تارون به پاڪستاني ڪمپنيون بڻائي رهيون آهن، جيڪي اڳتي هلي پڙهيل لکيل نوجوان مرد توڙي عورتن لا روزگار مهيا ڪرڻ جو سبب بڻجنديون. هن چيو ته لوڊشيڊنگ ٿيڻ جو ڪارڻ بجلي جي کوٽ نه آهي، پر بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي خساري کي گهٽائڻ توڙي بلن جي ادائيگي نه ٿيڻ توڙي بجلي جي نظام ۾ خرابي هئڻ مک ڪارڻ آهن. بجلي جون مختلف ڪمپنيون صوبن حوالي ڪرڻ بابت سوال تي هن چيو ته ان حوالي سان اسان اثاثن جو اندازو لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، صوبن ڏانهن منتقلي کانپوءِ جيڪو به نقصان ٿيندو اهو صوبن کي ڀوڳڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب حالتون خراب آهن، پر پي ڊي ايم سربراهن ۽ پارٽين هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران ملڪ کي سنڀاليو آهي، 9 مئي وارا واقعا انتهائي دردناڪ آهن، هو هينئر به باهيون ٻاري رهيا آهن ۽ اسان ملڪ کي ترقي وٺرائي رهيا آهيون. ٻئي طرف وفاقي وزير خرم دستگير ڀٽ شاهه پهچي درگاھه ڀٽائي تي حاضري ڀري دعا پڻ گهري، جنهن بعد هن نواز ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته فتنو، فساد ڦهلائڻ ۽ باهيون ڏيڻ وارا ڪڏھن به پاڪستان جا خير خواه نٿا ٿي سگهن، اها پاڪستان کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش آهي، عمران خان کي فساد کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button