سنڌ

حيدرآباد ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، مختلف وارداتن ۾ شهرين کان 46 لک رپيا ڦر

حيدرآباد ۾ ٽن مختلف وارداتن ۾ شهرين کان هٿياربند 40 لکن کان به وڌيڪ رقم ڦر ڪري ويا آهن. لطيف آباد ۾ هٿياربندن اي سيڪشن ٿاڻي جي حد فارميسي جي آفيس ۾ داخل ٿي 32 لک روڪ ڦر ڪري ورتا. هٿياربند ڦر دوران آفيس ۾ لڳل سي سي ٽي وي سسٽم به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. لطيف آباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند اومني ڪيش کڻي ويندڙ معيز کان 14 لک ڦر ڪري ويا. ڦر واقعي جي رپورٽ حد جي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند علي شير جي ايزي لوڊ جي دڪان مان 20 هزار روڪ ۽ 2 موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button