سنڌ

حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو انتظار ڊگهو ٿي ويو

حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزيرن ۽ تڪ جي ايم اين اي کان اپيل ڪئي آهي ته بجيٽ ۾ ايس اين اي منظور ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن، حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي ٿيل گڏجاڻي ۾ سڄي تعلقي جي اميدوارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اسڪول بند هجڻ ۽ ٻهراڙي تعلقي اندر وڏي تعداد ۾ استادن جي کوٽ باوجود ويٽنگ ۾ ويٺل 40 کان 48 مارڪن وارن اميدوارن کي ڀرتي نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. تڪ جي چونڊيل نمائندن، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان اپيل ڪئي وئي ته تعلقي لاءِ ايس اين اي منظور ڪئي وڃي. ان موقعي تي ذيشان جان ڪليري، جميل خاصخيلي، يوسف ميربحر، شفقت سومرو، خالد ٽالپر، شھزاد ٻٻر ۽ ٻين چيو ته تعلقي ٻهراڙي ۾ استادن جي مقرري وارو ٽيون فيز شروع ناھي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري پروموشن يا رٽائرمينٽ سبب خالي ٿيل سيٽون ظاھر ڪيون پيون وڃن. ھنن چيو ته ٻھراڙي تعلقي ۾ 50 کان وڌيڪ اسڪول بند پيل آھن، جيڪي پڻ نٿا کوليا وڃن، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ تڪ جي تعليمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت کان مرد ۽ عورت استادن جي گھر ڪئي آھي. ھنن چيو ته ايس اين اي رپورٽ فوري طور منظور ڪرائي ٽيسٽ پاس اميدوارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، بند پيل اسڪول کولرائي اتي استاد ڀرتي ڪري خالي ٿيل سيٽون به ظاهر ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button