نيو سعيدآباد ڀرسان ويڳي ڀا ڀيڻ کي ناجائز لاڳاپن جي الزام ۾ پي ۽ ڀا بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ٻنهي جوابدارن پوليس اڳيان ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب نيو سعيدآباد لڳ ڳوٺ اول ڇڇر جي رھواسي طالب لاکو پنھنجي پٽ مشتاق لاکو سان گڏجي پنھنجي 16 ورھين جي ڌي سھڻي لاکو کي مبينا طور مارڪٽ ڪري نشي واري شي ذريعي بيھوش ڪري ڳوٺ کان پرڀرو زير پير موري وٽ روھڙي ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو، جڏھن ته گذريل رات طالب لاکي پنهنجي پٽ مشتاق سان گڏ ڪراچي وڃي ٻي زال مان پٽ پنھون لاکو کي ڪارخاني مان بهاني سان وٺي آيو ۽ ڪار ذريعي نيوسعيدآباد ايندي ڪراچي ٽول پلازا ڀرسان ڪار ۾ ئي تشدد ڪري ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد ديوين ۾ لاش ڦٽو ڪري ڇڏيو. ٻٽي قتل بابت ڳجھي اطلاع تي ڊي ايس پي نيوسعيدآباد عطا محمد ڏاھري ۽ ايس ايڇ او حبيب الله سوھو پوليس ساڻ ڪري ڳوٺ اول ڇڇر ۾ ڇاپو ھڻي طالب لاکو ۽ سندس پٽ مشتاق کي حراست ۾ ورتو، جن ٻٽي قتل جو ڏوھه باسي ورتو آھي. پوليس جوابدارن جي نشاندهي تي روھڙي ڪئنال مان ٽوٻن ذريعي ڳولا ڪري باقر موري وٽان سھڻي لاکو جو لاش هٿ ڪري ورتو، جيڪو ٽنڊو آدم اسپتال آڻڻ بعد ضروري ڪاروائي ڪري پوسٽ مارٽم لا نيوسعيدآباد تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف پوليس ڪراچي ٽول پلازا ڀرسان ديوين جي جھڳٽن مان لاش ھٿ ڪرڻ لا رواني ٿي ته ڪراچي پوليس اطلاع تي ٽول پلازا وٽان نوجوان پنھون لاکو جو لاش به ھٿ ڪري ورتو ۽ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان لاش وصول ڪرڻ لا نيوسعيدآباد پوليس پارٽي رواني ٿي وئي آهي. هوڏانهن پوليس موجب گرفتار جوابدارن طالب ۽ مشتاق لاکو ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته 16 ورهين جي سهڻي لاکو جا پنهنجي ويڳي ڀاءُ سان ناجائز لاڳاپا هئا، جنهن مان کيس پنجون مهينو پيٽ به هو، ان ڪري کيس نشو ڏئي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ پنهون کي به ماري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close