سنڌ

ميهڙ ۾ پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو

ميھڙ ڀرسان ڳوٺ سلطان ڀٽي جي رھواسي ولي محمد ڀٽي سياسي سماجي اڳواڻن پرويز پنھور، غلام عباس مھيسر، جاني سولنگي سان گڏجي احتجاج ڪندي دانھيو ته گذريل مھيني 13 آڪٽوبر تي منھنجو نوجوان پٽ عارف حسين ڀٽي پنھنجي دوستن سان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڃي رھيو ھو ته سلطان ڀٽي روڊ تي ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او قابل ڀيو، وڏي منشي خدا بخش زرداري، اي ايس آ پريل ملاح منھنجي پٽ کي کڻي گم ڪري ڇڏيو. ھن چيو ته منھنجي پٽ مٿان ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه آھي پوليس بنا جواز بااثر ڌرين جي ونگار وهندي اسان سان ظلم ڪيو آھي. ھن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن منھنجي پٽ جو ڪو به ڏوهه آھي ته اھو ظاھر ڪيو وڃي، جڏھن ته پرويز پنھور ۽ غلام عباس مھيسر چيو ته ايترا ڏينھن گذرڻ باوجود ولي محمد ڀٽي جي نوجوان پٽ کي پوليس ظاھر نه ڪيو آھي، جنھن جي اسين مذمت ڪيون ٿا. ھنن چيو ته بي سيڪشن پوليس بااثر ڌرين جي چوڻ تي ونگار وھي شھرين مٿان ظلم ڪري رھي آھي، جيڪو سراسر ظلم آھي. ھنن چيو ته ولي محمد ڀٽي جي پٽ کي جلد کان جلد آزاد ڪري کيس انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button