سنڌ

ميهڙ ۾ پروفيسر زين العابدين جي ياد ۾ ميڙاڪو

سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ڪراچي ۾قتل ٿيل سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر زين العابدين جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو، ميڙاڪي ۾ پروفيسر عبيدالله لاکير، آزاد انور ڪانڌڙو، پير آف ميهڙ سيد محمد شاهه، زبير ڀرٽ، ايس يو پي اڳواڻن ڊاڪٽر برڪت جتوئي، سڪندر سوڍر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تعزيتي ميڙاڪي ۾ پروفيسر زين العابدين جي تصوير آڏو گل رکي ۔ ميڻ بتيون ٻاري مقررين ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته پروگرام ۾ شريڪ شاعرن، اديبن، سياسي ورڪرن پروفيسر زين العابدين جي جدوجهد ۔ سندس ڪردار کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي سندس قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪئي. تعزيتي ميڙاڪي ۾ خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته افسوس جو سنڌ ۾ ڏوهارين کي ڇوٽ آھي، بيگناهه ماڻهن کي لٽيو ڦريو ۽ ماريو پيو وڃي، سنڌ ۾ سازش تحت پڙهيل لکيل ماڻهن کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي. هنن پروفيسر زين العابدين جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button