پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ قتل ڪيل عورت جي سسي ملي وئي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ پھرين سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ڪمند جي فصل مان عورت جو سسي کان ڌار ٿيل لاش مليو ھو، جنھن جي سڃاڻپ ميرپورخاص واسڻ ثنا زال تاج محمد پنھور ٿي ھئي، جنھن بعد عورت جي مڙس تاج جي ڀائٽي عامر پنهور ۽ عورت جي ناٺي شوڪت پنھور کي گرفتار ڪيو ويو ھو.

جنھن ڪيس ۾ عامر پنھور پاران ثنا پنھور کي سندس ناٺي شوڪت پنھور سان ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو ھو. جڏھن ته عورت جي سسي نه ملي سگهي ھئي، ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) اسد چوڌري پاران ڊي ايس پي سيٽلائيٽ ٽائون منظور کوسو جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي ھئي.

جنھن پاران عورت جي سسي کي ڪمند جي فصل مان ھٿ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻو ٻڌايو ته ڪمند جي واڍي بعد سسي ملي آھي پر گوشت جانور کائي ويا آھن. جنھن بعد مقتولا عورت جي مڙس پاران لاش جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. سسي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتان جزا ھٿ ڪيا ويندا، جڏهن ته گرفتار جوابدارن جا پڻ جزا ھٿ ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button