اسلام آبادپاڪستان

عورتن کي وراثت کان محروم رکڻ نفرت جوڳو عمل آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ عورتن جي وراثت بابت تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عورتن جي وراثت بابت فيصلو لکيو، جنهن ۾ مردن طرفان عورتن کي وراثت جي شرعي حق کان محروم رکڻ کي نفرت جوڳو ۽ مڪروهه عمل قرار ڏنو ويو آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مردن جو عورتن کي شرعي حق کان محروم رکڻ مڪروهه عمل آهي ۽ عورتن کي شرعي وراثت کان محروم ڪرڻ الله جي حڪم جي به ڀڃڪڙي آهي. عدالت موجب فراڊ ۽ ٻين حربن سان عورتن کي شرعي وراثت کان محروم رکڻ عام آهي پر عورتن لاءِ وراثت کان محرومي تڪليف جو سبب بڻجي ٿي، ملڪ ۾ هر ڏينهن مرد وارث عورت وارث کي حق کان محروم ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button