پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ 5 مھينا اڳ گم ٿيل معصوم ٻارڙي فوزيا جي بازيابي لا احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص لڳ 5 مھينا اڳ کاڻ ٿاڻ جي حد ڳوٺ محمد حسن مري مان پراسرار نموني گم ٿيل معصوم 9 ورهين جي ٻارڙي فوزيا خاصخيلي جو ڪو پتو نھ پيو، مجبور پي نظر محمد خاصخيلي پاران پريس ڪلب ميرپورخاص اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڪيترن ئي ڏينھن کان سراپا احتجاج بڻيل آھي.

احتجاجي ڪئمپ تي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ سماجي اڳواڻ پنھل ساريو پھچي نياڻي فوزيا جي وارثن کان تفصيل ورتا، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنھل ساريو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ شھرين جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ پوليس جي ذميوارين ۾ شامل آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي 5 مھينا گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين فوزيا خاصخيلي جو ڪو پتو نھ لڳائي سگھي آھي.

سنڌ جي ماڻھن جا لخت جگر گم ٿي رھيا آھن پر ھتي قانون جي ڪا حڪمراني نظر نٿي اچي، مجبور ٿي وارث سراپا احتجاج بڻيل آھن. ھنن وڌيڪ چيو اھڙي طرح نياڻيون گم ٿيڻ سان معاشرو افراتفري جو شڪار بڻجي سگھي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور فوزيا کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪري ملوث ماڻھن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button