سنڌ

طوفان جي متاثرن جي واهر لا سنڌ حڪومت کي سنجيده ٿيڻو پوندو: قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ حڪومت گذريل سال برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي، هن ڀيري به حڪمرانن جي ساڳي روش نظر پئي اچي. ايس ٽي پي سينٽرل باڊي اجلاس جي صدارت ۽ خطاب ڪندي قادر مگسي چيو ته موجوده صورتحال ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي جن عوام کي امڪاني طوفان ۽ برساتن بابت خبردار ڪيو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ نڪري رهيا آهن، باقي وزير ۽ ڪامورا فوٽو سيشن تائين محدود آهن، سنڌ حڪومت کي سنجيده ٿي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي، قائم ڪيل ڪئمپن ۾ آيل خاندانن کي سهولتون ڏنيون وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ڪئمپ قائم ڪرڻ وارو اعلان صرف ڪاغذي ڪاروائي آهي ڇو ته انهن اسڪولن ۾ ڪي به سهولتون ميسر ناهن، 6 يا ست ڪمرن تي مشتمل اسڪولن ۾ سوين خاندان ڪيئن رهي سگهندا، اسڪولن ۾ پاڻي، بجلي ۽ واش رومن سميت ڪابه سهولت ميسر ناهي، ساحلي علائقن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن کي ٺٽي ۽ ڪراچي جي وڏين سرڪاري عمارتن ۾ رهايو وڃي ۽ کين زندگي جون بنيادي سهولتون ميسر ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ايس ٽي پي ڪارڪن پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ماڻهن جا مددگار ٿين ۽ ڪامورن سان وفدن جي صورت ۾ ملي ماڻهن کي رليف وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪن. ايس ٽي پي سينٽرل باڊي اجلاس ۾ مرڪزي وائيس چيئرمين گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون ۽ نثار ڪيريو پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينٽرل ڪميٽي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن جي روشني ۾ تنظيمي ۽ سياسي رٿابندي جوڙي وئي ۽ سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ طوفان ۽ برسات جي امڪانن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو به ورتو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button