سنڌ

رتوديرو ۾ ٻن قتل ڪيسن ۾نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

رتيديري ويجهو ڳوٺ سومر واھڻ ۾ مھينو اڳ مرکياڻي ۽ چنا برادري جي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڄڻن منصور چنو ۽ دلشير چنو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لا عبدالجبار چنا، امام الدين چنا، غلام مرتضيٰ چنا، حاجل خاتون، نظير خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رتوديرو پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو. مقتول نوجوانن جي وارثن دانهيندي چيو ته مھينو اڳ مرکياڻي ذات جي غلام عباس مرکياڻي، سميع مرکياڻي، رابيل مرکياڻي ۽ فتاح مرکياڻي گهرن مٿان حملو ڪري اسان جا ٻه نوجوان ماري ڇڏيا ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن جو ڪيس رتوديرو ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. اسان کي جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن آ جي سنڌ ۽ ڊي آ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ انڊس ها وي تي ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button