سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف سني تحريڪ ۽ فارميسي ايسوسيئيشن جي سڏ تي حيدرآباد ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون پڻ ڏنيون ويون، جڏهن ته سني تحريڪ جي ڪارڪنن مختلف هنڌن تي مظاهرا ڪيا. تفصيل موجب قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف حيدرآباد ۾ فارميسي ايسوسيئيشن جي سڏ تي دوائون وڪرو ڪندڙ هول سيل جي دڪاندارن ٻه ڪلاڪ ڪاروبار بند رکي پريس ڪلب سامهون جاويد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سوئيڊن ۾ سوچيل سمجهيل سازش تحت قرآن پاڪ ساڙي مسلمانن جا جذبا ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته دنيا ۾ اسلام ۽ مسلمانن خلاف هڪ مهم جاري آهي، مذهبي انتهاپسندي خلاف ڳالهائيندڙ ملڪ اڄ مسلمانن ۽ اسلام خلاف ڪارواين تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. هنن مسلمان ملڪن جي سربراهن کان گهر ڪئي ته پنهنجي ملڪن مان سوئيڊن جي سفيرن کي نيڪالي ڏين ۽ سوئيڊن سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close