سنڌ

نقلي ڀاڻ ۽ دوائون وڪرو، سنڌ آبادگار بورڊ جو عدالت وڃڻ جو فيصلو

سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر نواب زبير ٽالپر حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران سانوڻي جي زبردست برساتن جي اڳڪٿي سبب سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، گذريل برساتن سبب آيل ٻوڏ باوجود قدرتي وهڪرن جي رستن تي رڪاوٽون اڄ تائين ختم نه ڪيون ويون آهن. گذريل ٻوڏ جي تباهين جا نتيجا سنڌ جو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته دريائن ۾ اضافي پاڻي اچڻ باوجود سنڌ جي واهن ۽ شاخن ۾ وارابندي ختم نٿي سگهي آهي. خيرپور جي تعلقي سوڀوديرو جي ٻن پڇڙي جي واهن ۾ گذريل 20 سالن کان پاڻي نه پهتو آهي، جنهن سبب اتان جا هاري ۽ زميندار سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ نقلي ۽ غير معياري زرعي دوائن ۽ ڀاڻ سبب فصلن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي. جڏهن ته ڊي جي ايريگيشن ايڪسٽيشن آبادگارن سان گڏجاڻي ڪرڻ باوجود زرعي دوائن جي معيار ۽ سرڪاري اگهه تي وڪري کي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام ويو آهي، جنهن خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪپهه جا مقرر اگهه نه ملڻ سبب آبادگار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهي، ڪپهه جو في مڻ اگهه 8 هزار 500 روپيا وزيراعظم پاڻ پنهنجا اختيار استعمال ڪندي مقرر ڪيو، جنهن تي سنڌ ۾ ڪو به عمل نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪپهه جي في مڻ تي 2 ڪلو ناجائز ڪٽوتي پڻ جاري آهي، حڪومت کان مطالبو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ٽيوب ويل جي استعمال تي آبادگارن کي بجلي تي سبسڊي ڏني وڃي ۽ ڪپهه جي سرڪاري اگهه تي خريداري کي يقيني بڻائيندي نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ توڙي وڌيڪ اگهه وٺندڙ ڪمپنين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button