سنڌ

ٿرڙي ۾ ٽن ڀينرن جو ملڪيت مان حصو نه ملڻ خلاف احتجاج

ٿرڙي محبت جي ڳوٺ ملوڪ ڪلهوڙي جي رهواسڻ ڀينرن صغران، فاطمه ۽ آسيت سومرو پريس ڪلب ٿرڙي محبت پهچي پيڻوئي جي ظلمن خلاف دانهيو. هنن چيو ته اسان جي پيءُ مرحوم غلام محمد سومرو جي نالي ٿيل ملڪيت ۽ دستاويز پڻ اسان وٽ موجود آهن، جن ۾ پنج دڪان ۽ هڪ آر او مشين تي اسان جو ڀيڻويو محمد علي سومرو قبضو ڪري ويٺو آهي، جنهن ۾ اسان جو آئيني قانوني ۽ شرعي حق آهي، جڏهن ته پيءُ جي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي ڀيڻوو محمد علي ۽ ان جو پٽ عاشق علي سومرو مڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي وڏي ڀيڻ جيڪا کيس ڏنل هئي، فوت ٿي چڪي آهي ۽ اسان جا ٻه ڀائر سڪندر علي ۽ اصغر علي سومرو پڻ فوت ٿي چڪا آهن ۽ اسين بلڪل بي سهارا آهيون ۽اسان کي ڀيڻوئي مان جان جو خطرو آهي ڪٿي هو اسان کي ملڪيت جي لالچ ۾ مارائي نه ڇڏي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪرائي پيءُ جي ملڪيت مان حصو ڏياري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button