سنڌ

ڏيپلو ويجهو ٻن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ڏيپلو جي ڳوٺ مالهيار بجير ۾ باهه لڳڻ ڪري اسماعيل بجير ۽ اقبال بجير جي گهرن کي اوچتو لڳل باهه وڪوڙي ورتو، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن ڪري 5 چئونرا سڙي رک ٿي ويا. ڳوٺاڻن جي وڏي ڪوششن بعد باهه تي ڪنٽرول آندو ويو. هوڏانهن اطلاع باوجود فائر فائيٽر هڪ ڪلاڪ کانپو پهتي، تنهن کان اڳ ئي لڳل باهه تي مڪمل ضابطو اچي ويو هو. متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button