سنڌ

حيدرآباد ۾ ڪروڙ رپين جي آئيس هٿ اچڻ جي دعوى،9 ڄڻا گرفتار

قاسم آباد ۾ ڀٽائي نگر پوليس اطلاع ملڻ تي ڪرسٽل آئيس ڊيلر بلال احمد سنجراڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 2 ڪروڙ ماليت جي 2 ڪلو آئيس هٿ اچڻ جي دعوى ڪئي آهي. قاسم آباد پوليس ڪرولا ڪار ۾ سوار مين پڙي سپلا ڪندڙ ارشاد انڙ ۽ سائين بخش ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار جي قبضي مان ڪرولا ڪار هٿ ڪري پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. گرفتار جوابدار خلاف گٽڪا ۽ مين پڙي ايڪٽ 2019ع تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ساڳئي پوليس انور ولاز چوڪ وٽ منشيات فروش جنيد علي ابڙو کي 8 بوتلون شراب سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي. اي سيڪشن پوليس جوابدار محمد عمير غوري کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي. يونٽ نمبر 7 لطيف آباد مزار ڀرسان رضا عباس نالي منشيات فروش کي گرفتار ڪري 4 بوتل شراب هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي. راهوڪي پوليس ٽنڊو حيدر لنڪ روڊ وٽان شوڪت علي کوسو کي گرفتار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button