سنڌ

حيدرآباد ۾ 3 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي 3 ڀيرا عمر قيد

حيدرآباد ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غلام مرتضى بلوچ جي عدالت 13 سال اڳ 11 اپريل 2008ع تي مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ موبائل فون جي دڪان مان ڦر دوران قتل ڪيل شهيد اهلڪار ميوو خان، دڪاندار ايوب پالاري ۽ اعجاز حسين جي قتل جو ڪيس ٻيهر هلائيندي جوابدار عظمت خان پٺاڻ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 ڀيرا جنم ٽيپ ۽ 3 لک ڏنڊ جي سزا ٻِڌائي ڇڏي. ڦر ڪيس ۾ 10 سال قيد ۽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. داخل ڪيس ۾ پوليس ڄاڻايو هو ته جوابدار عظمت خان سندس ساٿين فيصل آرائين ۽ نثار عرف فوجي سان گڏجي ڦر دوران مزاحمت تي ٽن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button