سنڌ

موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل، 19 جوابدارن خلاف ھڪ سال بعد نيٺ ريفرنس داخل

حيدرآباد جي نيب عدالت ۾ ڊي جي نيب هڪ سال بعد نيٺً مٽياري ۽ نوشهروفيروز ۾ ايم 6 موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل جو 19 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. داخل ريفرنس 8 صحفن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ 5 ارب 8 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڏيکاري وئي آهي. خبر موجب هڪ سال مٽياري ۽ نوشهروفيرز ۾ ايم سڪس موٽر جي تعمير لا زمين جي خريداري جي سلسلي ۾ اربن روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي هئي، جنهن جو ڪيس اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ طرفان داخل ڪرڻ کانپو ڪيس نيب ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، مٽياري جي ڪيس سان گڏ نوشهروفيروز ۾ ٿيل ڪرپشن جو ڪيس به حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ڪيس هڪ سال کان جاچ جي سلسلي ۾ رولڙي جو شڪار رهيو. ان ڏس ۾ ڪالهه نيب حيدرآباد جي عدالت ۾ شنوائي دوران ڊائريڪٽر جنرل نيب جاويد اڪبر رياض جي صحيح سان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. ريفرنس ۾ مختلف بينڪ اڪائونٽ ذريعي مٽياري ۽ نوشهروفيروز ۾ موٽر وي جي تعمير لا زمين جي خريداري جي مد ۾ جاري ٿيل رقم مان 5 ارب 8 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ريفرنس معطل ٿيل اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد، اڳوڻي اي سي منصور عباسي، ذيشان سهتو، اسلم پيرزادو، اڪائونٽنٽ جڙيل شاهه، تپيدار الاهي بخش ڀيو، ٺارو خان سنڌ بئنڪ جي برانچ مئنيجر مير محمد سهاڳ، ايريا مئنيجر تابش شاهه، آپريشن مئنيجر راحيل شيخ، امجد شاهه، عاشق ڪليري، اسلم پيرزادو، زوار شاهه، رحمت الله سولنگي، رفيق سميت 19 جوابدارن خلاف ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نيب وٽ جوابدار عاشق ڪليري پلي بارگين لا درخواست پڻ داخل ڪرائي. جنهن تي سوا ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس داخل هو. جنهن ۾ جوابدار 63 ڪروڙ 63 لک 38 هزار کان وڌيڪ ملڪيت جمع ڪرائي. جڏهن ته جوابدار جيل ۾ پيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button