سنڌ

ٻگهاڻ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، عورت سميت 18 زخمي

ڪيٽي بندر جي شھر ٻگھاڻ ۾ تڪراري پلاٽ تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي هڪ همراهه کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته عورت سميت 18 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن. زخمين ۾ اشرف خاصخيلي، علي، مجيد، ابراهيم، الھڏنو، مريم ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي ٻگھاڻ، ور ۽ ٺٽو جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جهيڙي دوران لکاڏنو عارفاڻي موقعي تي مارجي ويو، ٻئي طرف تڪرار وڌيڪ تيز ٿيڻ سبب ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون ۽ وڌيڪ رتوڇاڻ ٿيڻ جو خدشو آهي. اطلاع تي واقعي واري هنڌ ڊي ايس پي ڳاڙهو غلام سرور وسطڙو ايس ايڇ او ڪيٽي بندر ائٽ ٻگھاڻ عبدالحميد جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري پهتي، ان باوجود ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آھي. تڪراري پلاٽ بابت پيروزاڻي ڌر مالڪي جي دعويٰ ڪندي چيو ته هي پلاٽ اسان جو آهي، جيڪو عارفاڻين حوالي ٿيل هو، عارفاڻي شادي تي ويل هئا ته پٺيان خاصخيلي ڌر جي ماڻهن قبضو ڪري ورتو. ٻئي طرف الزام هيٺ ڌر جو موقف آهي ته هي پلاٽ ابن ڏاڏن کان سندن ملڪيت آهي جنهن تي سندن گهر به ٺهيل آهن، پلاٽ تي زوري قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button