پاڪستانرانديون

پاڪستان کي 131 رنسن جو هدف، ٽاپ آرڊر وري ناڪام، 48 تي 3 آئوٽ

پاڪستان کي گال جي ميدان ۾ پهريون ٽيسٽ کٽڻ لا ميزبان سريلنڪا جي ٽيم 131 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، جنهن جو پيڇو ڪندي ٽاپ آرڊر جي ٻيهر ناڪامي سبب قومي ٽيم صرف 48 رنسن تي 3 وڪيٽون وڃائي ويٺي، اڄ پنجين ۽ آخري ڏينهن وڌيڪ 83 رنسون گهربل آهن، جڏهن ته سريلنڪا جا بالر رهيل 7 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. پاڪستان طرفان اوپنر عبدالله شفيق 8، شان مسعود 7 ۽ نائيٽ واچ مين طور ڪريز تي موڪليل نعمان علي کاتو کولڻ بنا پويلين ڏانهن واپسي ڪئي. چوٿين ڏينهن راند جي پڄاڻي مهل امام الحق 25 ۽ ڪپتان بابر اعظم 6 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا. ان کان اڳ سريلنڪا جي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 279 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ ڌننجيا ڊي سلوا هڪ دفعو ٻيهر پاڻ ملهائيندي 82 اسڪور ڪيو. نعمان علي ۽ ابرار احمد 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي ۽ سلمان علي آغا 2- 2 شڪار ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button