سنڌ

حيدرآباد ۾ اٽي جي اگهه ۾ واڌ ۽ رڪارڊ مهانگائي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ريلي، ڌرڻو

قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا ڪارڪن اٽي جو اگهه وڌائڻ ۽ هٿرادو مهانگائي خلاف رستن تي نڪري آيا، ڪيو اي ٽي جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، آغا عباس پٺاڻ، خادم سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاسم آباد جي واڌو واھه کان احتجاجي ريلي ڪڍي پڪوڙا چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ خودڪشيون پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪمراني جو تحفو آھن. ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمرانن اٽو مھانگو ڪري مزدورن، ھارين ۽ غريب ماڻھن کان ٻن وقتن جي ماني به ڦري ورتي آھي. چانور، دال، گيهھ، کنڊ سميت کاڌي پيتي جي ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت کي سبسڊي ڏيڻ گهرجي ۽ اٽو 50 رپيا في ڪلو ڪيو وڃي، ان سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جي ٻين شين تي سبسڊي ڏئي انھن جا اگھه اڌو اڌ گھٽايا وڃن. ڊي سيز، اي سيز ۽ مختيارڪارن کي ذميوار بڻائي تعلقي سطح تي پرائيس ڪنٽرول اٿارٽيز کي فعال ڪيو وڃي. هنن چيو ته ڏھاڙيدار مزدور، ڪيبن، ريڙھي ۽ ننڍو دڪان هلائيندڙ، ڪلارڪ ۽ ٻي ملازمت ڪندڙ ماڻھو گھٽ پگھار، اجرت ۽ مھانگائي سبب پريشان آھن، انھن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. ٻئي پاسي بجلي تمام گھڻي مھانگي ڪئي وئي آھي، لوڊشيڊنگ باوجود جيڪي صرف ھڪ بلب ۽ پکو استعمال ڪن ٿا، انھن کي به لکين رپين جا ڪوڙا بل موڪليا وڃن ٿا، پيپلز پارٽي جا حڪمران چاھين ھا ته 15 سالن ۾ سنڌ جي ھر ڊويزن ۾ وڏا صنعتي زون قائم ٿي وڃن ھا، جتي لکين سنڌي نوجوانن کي روزگار ملي ھا، سنڌ زرعي صوبو آھي، ھتي ڪڻڪ، ساريون، ڦٽيون، ڪمند سميت سمورا ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿين ٿيون پر اسان وٽ ھٿ وٺي ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ڪئي وڃي ٿي، پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت غريب دشمن معاشي پاليسيون بند ڪري، اٽي سميت کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button