سنڌ

بدين ضلعي ڪائونسل جي بچت واري بجيٽ پيش، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ

مالي سال 24-2023 لا بدين ضلعي جي 68 لک 6207 رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ٿي وئي، پگهارن جي بجيٽ ۾ 30 کان 35 سيڪڙو، جڏهن ته پينشن بجيٽ ۾ ساڍا 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. خبر موجب ضلعي ڪائونسل بدين جي چيئرمين علي اصغر هاليپوٽو سنڌ لوڪل گورنمينٽ جي بجيٽ رولز تحت خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر هال ۾ ضلعي ڪائونسل جي سال 24- 2023ع جي 68 لک 6207 رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي، جيڪا يڪرا منظور ٿي وئي آهي. بجيٽ ۾ سالياني مجموعي آمدني جو ڪاٿو 54 ڪروڙ 62 لک 15 هزار 343 رپيا ۽ خرچن جو ڪاٿو 53 ڪروڙ 94 لک 9 هزار 136 رپيا لڳايو ويو آهي، بجيٽ ۾ 68 لک 6 ھزار 207 رپيا بچت ٿيندي، جڏهن ته گذريل سال جي 5 ڪروڙ 83 لک 73 هزار 343 رپيا بچت پڻ شامل آهي.ضلعي ڪائونسل جي بجيٽ ۾ روينيو آمدني او زيڊ ٽي ٽيڪس، لوڪل سيز ٽيڪس، ٽاور، ميلا ۽ مسواڙ سميت ٻي مد ۾ 43 ڪروڙ 30 لک 10 هزار رپيا، ڪيپيٽل آمدني ۾ 5 ڪروڙ 48 لک 32 هزار رپيا، جڏهن ته ٽوٽل خرچن جي مد ۾ ملازمن جي پگهار ۽ پينشن جي مد ۾ 19 ڪروڙ 75 لک 8 هزار 48 رپيا، ترقياتي ڪمن لاءِ 24 ڪروڙ رپيا، مستحق شاگردن جي اسڪالر شپ لاءِ 20 لک رپيا، سوشل ويلفيئر ۽ راندين لاءِ 22 لک رپيا، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 50 لک رپيا، موجوده ۽ رٽائرڊ ملازمن جي بقايائن لاءِ 7 ڪروڙ 68 لک 31 هزار 88 رپيا مختص ڪيا ويا. ان موقعي تي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين علي اصغر هاليپوٽي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان پنهنجي پنهنجي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪيل اضافي وارو فيصلو ضلعي ڪائونسل جي ملازمن تي به لاڳو ٿيندو، جنهن کي نظر ۾ رکندي پگهارن جي بجيٽ ۾ 35 سيڪڙو تائين ۽ پينشن جي بجيٽ 17 ڏهائي 5 سيڪڙو وڌائي وئي آهي. هن چيو ته هي بجيٽ مختصر وقت ۾ ٺاهي وئي آهي، ضلعي ڪائونسل ميمبرن جي رهنمائي ۾ ضلعي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين فدا حسين منڌرو، چيف آفيسر اشوڪ ڪمار ۽ صحافين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button