پاڪستانسنڌ

پارس شاهه ڪيس: جوابدارن جي وڪيلن جي نه اچڻ ڪري شنوائي ملتوي

أحيدرآباد/ڪراچي: ملير جي سول جج جوڊيشل مجسٽريٽ چار انعم ايوب جي عدالت ۾ قبرڪشائي بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ مقتول پارس شاهه جي ڀيڻ صدف شاھه پيش ٿي. جڏهن ته جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب شنوائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي صدف شاهه چيو ته قبرڪشائي روڪڻ لا عدالت ۾ جوابدارن پاران درخواست ڏيڻ حقيقتن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش آهي، قاتل خوف ۾ وٺجي ويا آهن، جنهن ڪري مختلف هربا استعمال ڪري رهيا آهن، ڀا جي خون سان انصاف تائين اسان جدوجهد جاري رکنديونسين. ٻئي طرف حيدرآباد جي عدالت ۾ پارس شاھه قتل ڪيس جي شنوائي ٿي، جوابدارن جي وڪيل جي نه اچڻ جي ڪري شنوائي 25 جولا تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالت ٻاهران سحر شاهه رضوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ھر تاريخ تي ڪراچي مان حيدرآباد اچون ٿا ۽ ڏوھارين جا وڪيل نه ايندا آھن، اهي ڊڄي ويا آھن، انويسٽيگيشن کي متاثر ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button