اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي ملاقات،سياسي مشاورت

اسلام آباد :اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم هائوس آمد ٿي. ذريعن موجب وزيراعظم شهبازشريف ٻنهي اڳواڻن جو شاندار استقبال ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي. ذريعن مطابق نگران وزيراعظم جي نالي جي حوالي سان به مشاورت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ سان جاري ڪندڙ بيان مطابق ملاقات ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير براءِاقتصادي امور سردار اياز صادق به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button