اسلام آبادپاڪستان

گلوبل چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو:بلاول

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي برادري سان سٺن رابطن لاءِ اهم فيصلا ضروري آهن، ڪنهن به گلوبل چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو. فيٽف گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي وزارت ۾ انتظامي سڌارن بابت اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته عالمي برادري سان سٺن رابطن لاءِ اهم فيصلا ضروري آهن، دنيا سان برابري جي سطح تي سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، ڊپلوميٽڪ سروس جي اصول ۽ ضابطن تي پوري طرح عملدرآمد ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪنهن گلوبل چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو. مُلڪ جي پرڏيهي پاليسي ۾ پرڏيهي وزارت جو اهم ڪردار هوندو آهي، سموري دنيا ۾ موجود پاڪستاني مشنز مُلڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاليسي ۾ نرمي ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو چٽو موقف آهي، اسان هر مُلڪ سان برابري جي بنياد تي ڀائراڻا لاڳاپا جا خواهشمند آهيون. بلاول چيو ته ڪوپ 27 ڪانفرنس ۾ لاس اينڊ ڊيمج فنڊ جي قيام لاءِ پرڏيهي وزارت جو ڪردار قدر جوڳو آهي، ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت ٻاهرين مُلڪ رهندڙ پاڪستانين جي بهتري ۽ سيڪيورٽي لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اِهو سلسلو اڳتي پڻ جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button