ٽنڊي غلام علي ۾ هر سال جيان 11 محرم الحرام تي گڏھن جي پڙي لڳائي وئي، جتي مختلف نسلن جا لڳ ڀڳ 300 گڏھه وڪري لا آندا ويا ۽ وڏي واڪ طور 3 لک رپيا رقم ۾ ماتلي واسي خفتي نجف دايو جي گڏھه جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو. گڏھن واري پڙي اوليا سوائي گهوٽ جي مزار ڀرسان واٽر سپلا ميدان ۾ لڳائي وئي آهي، جتي گڏھه گهٽ تعداد ۾ آڻڻ جو بنيادي سبب برساتون ۽ ملڪ ۾ وڌيل مهانگائي قرار ڏنو پيو وڃي. ذريعن موجب هن سال گڏھن جي پڙي جو ٺيڪو تمام گهٽ رقم ۾ وڃڻ جا اطلاع آھن، اهو ٺيڪو پڻ ڊگهڙي واسي ٺيڪيدار ڪاشف قائمخاني پاران کڻڻ جا اطلاع آھن. ٻئي طرف گڏھن جي پڙي ۾ ايندڙ واپارين جي وڏي انگ پڙي ۾ ٻاڙائي جو سبب ٻڌائيندي چيو ته پڙي ۾ گڏھن جي انٽري في ڪلو جي حساب سان تمام گهڻي ۽ خريداري سميت وڪري واري وصولي وارو ٽئڪس پڻ وڌيڪ ورتا پيا وڃن. پڙي ۾ گڏھن جي سينگار سميت هوٽلون، ڪيبن ۽ کاڌي پيتي جا اسٽال به محدود انگ ۾ ڏسڻ ۾ آيا. هي پڙي گذريل 150 سالن کان شهر جي مختلف جاين تي لڳندي پئي اچي، پڙي ۾ ٿري، لاڙي، لاسي، کوڌا، خچر ۽ ٻين جنسن جا گڏھه واپار لا آندا ويندا هئا، هتي خريدارن کان علاوه عام شوقينن جو وڏو انگ گڏھن جي ڊوڙ ڏسڻ لا ايندو هو. هن ڀيري ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي گڏھن جي وڪري ۽ خريداري تي تمام خراب اثر ڇڏيا آھن. پڙي ۾ ايندڙ خفتين مطالبو ڪيو آهي ته 150 سالن کان لڳندڙ گڏهن جي پڙي کي سهائتا وٺڻ لا ٽائون ڪميٽي اختيارين کي مالڪي ڪرڻي پوندي، انٽري في کان علاوه وڪري ۽ خريداري واري وصولي ۾ نرمي ڪري واپارين کي رعايت ڏني وڃي، جنهن سان ڪمائي ۾ واڌ ايندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close