ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ لا اديب، شاعر ۽ ٻيا قلم ڌڻي به رستن تي نڪري آيا، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون آهن. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سڏ تي ضلعي حيدرآباد جي شاخن پاران اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين مرڪزي جنرل سيڪريٽري تاج جويو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ شامل اديبن جي ھٿ ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، احتجاج ۾ اڪبر سومرو، مولابخش محبتي، زوار نقوي، عبدالله ڪوھستاني، سليم چنا، احساس ميرل، نذير ملڪاڻي، شاڪر عزيز سيتائي، گلشير ڪوريجي، عبداللطيف ملاح ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف ٺٽي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران مرڪزي پريس ترجمان رمضان ميمڻ، ضلعي ٺٽي جي رابطا سيڪريٽري فقير اڪرم مڱڻھار، مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر مارو خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن پڻ شرڪت ڪئي. ڄامشوري ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ۽ اوور ھيڊ برج وٽ ريلي ڪڍي “ڪارونجھر جي نيلامي نامنظور” جا نعرا هنيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري استاد گل دايو، سراج ڪلھوڙو، خاور قبولائي ۽ ٻين شاعرن اديبن، عالمن، ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي. هوڏانهن نوابشاهه ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري شاھنواز خاصخيلي، منور سراج، فياض چنڊ ڪليري، ستار سندر، بخشل باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شيراز چوڪ کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلين جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر جبل نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب جو اھڃاڻ آھي پر قدرتي ماحول طور جانورن ۽ پکين جي به آماجگاھه آھي، ھاڻي سنڌ سرڪار ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍي سنڌ جي شعور جي دٻا تي وري ان کي واپس ڪرايو آھي پر اسان سرڪار جي اھڙي عمل کي ھڪ چال سمجهون ٿا ۽ اسين ھتي گڏ ٿيل سمورا شاعر، اديب ۽ ساڃاھه وند، ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ واري عمل جي نندا ڪريون ٿا ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ٿا ڪريون ته اسيمبلي مان قانونسازي ڪرائي ڪارونجهر کي ورلڊ ھيريٽيج ۽ قومي ورثو قرار ڏئي سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close