سنڌ

ڪارونجھر جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جون ريليون ۽ ڌرڻا

ڪارونجھر جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا. ڪراچي ۾ ملير پريس ڪلب اڳيان منان شيخ، اشفاق چنڙ، فرحان لاڙڪ، ناھيد جوڳي، لياقت جھتيال ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو. حيدرآباد ۾ سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي، زينت سمون، نصرت خاصخيلي، آغا عباس پٺاڻ، غلام نبي سومرو جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو. بدين جي نندو شھر ۾ حسين درس، سليم ملاح، محمد جمن شاھه، ڪوٽڙي ۾ مقصود جھتيال، امداد پنھور، شبير ساند، ذاڪر گرگيز، ڏھرڪي ۾ تراب شر، محبت سميجو، اختر سميجو، ڪڻڌڪوٽ ۾ عوامي ھائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان فدا، شعيب ڊومڪي، سجاد بروھي، ڪڙيو گھنور ۾ فراز شاهھ، امام علي شاھه، ظھير احمد چانڊيو، گيانچند مھيشوري، ڄام صاحب ۾ ابراھيم بگٽي، مير محمد منگي، جروار شريف گبول، عابد سنڌي، توفيق احمد چنہ، ڳڙھي خيرو، ڪشمور، ٽنڊي باگو ۾ به ڪارڪنن مظاھرا ڪيا. ڳڙھي حسن ۾ باھوکوسو- جيڪب آباد روڊ تي اعجاز ڪنراڻي ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، ميرپورخاص ۾ پريس ڪلب اڳيان شوڪت نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري ۽ ٻين مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. شھدادپور ۾ لطيف پارڪ کان پريس ڪلب تائين مظاھرو ڪيو ويو. ڪي اين شاھه، نصيرآباد ۾ به ڪارڪن رستن تي نڪتا. لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ کان پريس ڪلب تائٔين ضلعي صدر سڪندر لاشاري جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، شڪارپور ۾ ھزاريدر کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. مورو، خيرپورميرس، گولاڙچي ۽ ٻين شھرن ۾ به ڪارڪنن مظاھرا ڪيا. ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملا ڪري رهي آهي، پ پ حڪومت سنڌ جا ثقافتي ۽ تھذيبي ماڳ، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي، ڪرپشن لاءِ ڪارونجھر کي نيلام ڪيو پيو وڃي، ڪارونجھر امر روپلي ڪولھي جي مزاحمت جو مرڪز آھي، سنڌ جو عوام آصف زرداري کي ڪارونجھر نيلام ڪرڻ نه ڏيندو. اڳوڻن چيو ته ھزارين سال قديمي ڪارونجھر کي زرداري ليگ نيلام ڪرڻ ۽ کربن جي ڪرپشن جو منصوبو رٿيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪارونجھر جي نيلامي روڪي وڃي ۽ تھذيبي ورثي کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئٔي محفوظ ڪيو وڃي، سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل 15 سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي، ڪارونجھر سميت سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ بند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button