سنڌ

ڀٽ شاهه ۾ عورت ويڳي پٽ هٿان قتل، پاڙيسري کي به مارڻ جي ڪوشش

ڀٽ شاھه ۾ نوجوان ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ويڳي ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. شهر جي پير پاڙي ڪچي آبادي ۾ اسرار لاشاري پنهنجي 35 ورهين جي ويڳي ما شازيا زال گلاب لاشاري کي پاڙي جي همراهه امام الدين پلال سان لاڳاپن جي شڪ ۾ پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪيو، جنهن بعد جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پاڙيسري امام الدين پلال مٿان به فائر ڪيا پر هو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي ڀٽ شاھه پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي صحت مرڪز پهچايو ۽ نوجوان اسرار لاشاري پسٽل سميت پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جتي هن اعتراف ڪندي چيو ته ماءُ کي غير مرد سان ناجائز لاڳاپن تي غيرت ۾ اچي قتل ڪيو آهي ۽ امام الدين پلال تي به فائر ڪيا پر هو فرار ٿي ويو آهي، مان ان کي به قتل ڪندس. هوڏانهن پوليس ڪارنهن الزام هيٺ آيل امام الدين پلال کي حراست ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن صحافين کي مقتول عورت ۽ سندس قاتل ويڳي پٽ اسرار لاشاري جون تصويرون ڪڍڻ کان روڪيندي چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد ميڊيا کي فوٽو ڏنا ويندا. ايس ايڇ او ڀٽ شاھه ڪرم خان عمراڻي چيو ته نوجوان اسرار لاشاري پنهنجي 35 ورهين جي ماءُ شازيا کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو آهي، اسان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ ڪارنهن الزام هيٺ آيل امام الدين پلال کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. هن چيو ته مقتول عورت جي وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرايو ويو ته ڪنداسين، ٻي صورت ۾ سرڪار پاران ايف آ آر داخل ڪئي ويندي، اطلاع آهن ته مقتول عورت جو مڙس ۽ جوابدار جو پيءُ گلاب لاشاري ڪنهن ڪم سان شهر کان ٻاهر ويل آهي، جنهن جو ڪو به موقف سامهون اچي نه سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button