سنڌ

ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪيو، سنڌ جا اديب به رستن تي نڪري آيا، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي روڪڻ لا اديب، شاعر ۽ ٻيا قلم ڌڻي به رستن تي نڪري آيا، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون آهن. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سڏ تي ضلعي حيدرآباد جي شاخن پاران اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين مرڪزي جنرل سيڪريٽري تاج جويو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ شامل اديبن جي ھٿ ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، احتجاج ۾ اڪبر سومرو، مولابخش محبتي، زوار نقوي، عبدالله ڪوھستاني، سليم چنا، احساس ميرل، نذير ملڪاڻي، شاڪر عزيز سيتائي، گلشير ڪوريجي، عبداللطيف ملاح ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف ٺٽي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران مرڪزي پريس ترجمان رمضان ميمڻ، ضلعي ٺٽي جي رابطا سيڪريٽري فقير اڪرم مڱڻھار، مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر مارو خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن پڻ شرڪت ڪئي. ڄامشوري ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ۽ اوور ھيڊ برج وٽ ريلي ڪڍي “ڪارونجھر جي نيلامي نامنظور” جا نعرا هنيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري استاد گل دايو، سراج ڪلھوڙو، خاور قبولائي ۽ ٻين شاعرن اديبن، عالمن، ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي. هوڏانهن نوابشاهه ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري شاھنواز خاصخيلي، منور سراج، فياض چنڊ ڪليري، ستار سندر، بخشل باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شيراز چوڪ کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلين جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر جبل نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب جو اھڃاڻ آھي پر قدرتي ماحول طور جانورن ۽ پکين جي به آماجگاھه آھي، ھاڻي سنڌ سرڪار ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍي سنڌ جي شعور جي دٻا تي وري ان کي واپس ڪرايو آھي پر اسان سرڪار جي اھڙي عمل کي ھڪ چال سمجهون ٿا ۽ اسين ھتي گڏ ٿيل سمورا شاعر، اديب ۽ ساڃاھه وند، ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ واري عمل جي نندا ڪريون ٿا ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ٿا ڪريون ته اسيمبلي مان قانونسازي ڪرائي ڪارونجهر کي ورلڊ ھيريٽيج ۽ قومي ورثو قرار ڏئي سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button