سنڌ

ٺٽو پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو،وارثن جو ڌرڻو

ٺٽي شھر جي ڊاڪٽر گلي جي رھواسي نوجوان رحمان داڳو کي پوليس اھلڪارن گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو. پوليس جي اھڙي عمل خلاف وارثن ڏاڏي حفيظان، شاھد، واحد ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب 6 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رھي ۽ روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. احتجاج دوران نوجوان جي ڀا پاڻ تي پئٽرول ھاري پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي موجود ماڻھن بچائي ورتو. ان موقعي تي وارثن چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جيڪڏھن اسان جو نوجوان ڪنھن ڏوهه ۾ ملوث آھي ته کيس ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيو ته نوجوان تي ڪو به ڪيس نه ھئڻ باوجود پوليس کيس گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو ته 3 ڏينھن ٿي ويا آھن پر نوجوان رحمان جو ڏس پتو نٿو ملي سگهيو آهي. شڪ آھي ته پوليس کيس زخمي يا قتل ڪري ڇڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button