سنڌ

سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي:عاجز ڌامراهه

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي مهانگائي جو الزام هڻي رهي آهي، وفاقي حڪومت ٻڌائي ته ڇا آءِ ايم ايف کان قرض سنڌ حڪومت ورتو؟ پيٽرول جون قيمتون ڇا سنڌ سرڪار واڌايون؟ ڇا مني بجيٽ سنڌ حڪومت پئي آڻي؟ سعودي عرب، يو اي اي ۽ ٻين ملڪن کان وفاقي حڪومت خيرات ورتي هئي، اها ڪيڏانهن وئي؟ وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي ته پيٽرول اوڌر تي ملندو آهي، اهو ڪٿي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ پ پ اڳواڻ عامر لغاري جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان چيو ته موٽر وي کي وفاق گروي رکي ڇڏيو آهي، عمران خان جي صلاحڪار نديم بابر اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، اهو ڪٿي آهي. هن چيو ته فراڊ خان چوڌري سنڌ کي وفاق لاءِ خطرو محسوس ڪري ٿو ته اسان به وفاق کي سنڌ لاءِ خطرو محسوس ڪيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button