سنڌ

چانڊڪا ۾ شاگردياڻي جو مبينا آپگهات، هاسٽل مان لاش مليو

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ھاسٽل ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بخاري جي ڏوهٽي، دادو جي رهواسڻ فورٿ ايئر جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي مبينا طور ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر گلزار شيخ ۽ پوليس جا عملدار هاسٽل پهتا، جن واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا. جڏهن ته ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي مبينا خودڪشي واري واقعي جي اطلاع تي شاگردياڻين ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال ڇانئجي وئي. واضح رھي ته ساڳئي هاسٽل ۾ ڪجهه سال اڳ ڊاڪٽر نمرتا چنداني جو لاش هٿ آيو هو، ان واقعي کانپوءِ هاسٽل ۾ هي ٻيو واقعو پيش آيو آهي. ان حوالي سان پوليس طرفان وارثن کي فون ذريعي اطلاع ڏنو ويو، جيڪي لاڙڪاڻي پهچي ويا. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي خودڪشي جا اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن، اسان في الحال شروعاتي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ شاگردياڻي جي وارثن کي پڻ اطلاع ڪيو ويو آهي، جيئن ئي وارث پهچندا ته جاچ جو دائرو وڌايو ويندو ۽ وارثن کان پڻ ڪجهه معلومات وٺي ان کي جاچ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو. شاگردياڻي جو لاش هاسٽل جي ڪمري ۾ پکي ۾ لڙڪيل هو. هوڏانهن نوشين ڪاظمي جو والد سيد هدايت علي ڪاظمي لاڙڪاڻي پهچي ويو، جتي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي پڻ پهچي واقعي جا تفصيل ورتا. جڏهن ته هاسٽل ۽ ڪاليج انتظاميا ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ شاگردياڻي جي والد سيد هدايت علي ڪاظمي کي واقعي بابت ڄاڻ ڏيندي شاگردياڻي جي ڪمري مان مليل خط پڻ ڏيکاريو، نوشين ڪاظمي جو والد سيد هدايت علي ڪاظمي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي چانڊڪا اسپتال ۾ موجود هئا، جتي ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي. شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي والد سيد هدايت علي ڪاظمي لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان مختصر ڳالهائيندي چيو ته مان هن وقت پريشان آهيان، منهنجي ڌيءُ مون کان وڇڙي وئي آهي ۽ منهنجي گهر واري پروفيسر منور حيدرآباد جي اسپتال ۾ بيماري جي بستري تي آهي. هن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر پوسٽ مارٽم جي رپورٽ جي انتظار ۾ آهيون، جنهن کان پو ئي ڪجهه چئي سگهبو ته ڪيس داخل ڪبو يا نه، جيڪڏهن ڪبو ته ڪنهن جي خلاف داخل ڪبو، هن وڌيڪ چيو ته ڌيءُ نوشين ڪاظمي سان ڪالهه فون تي ڳالهه ٿئي هئي ۽ هو بلڪل پراعتماد هئي، سندس لهجي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه پريشاني نه هئي ۽ خودڪشي ڪرڻ لا ڪا پريشاني يا سبب هجڻ ضروري هوندو آهي. هن چيو ته ٻه سال اڳ به هت نمرتا جو واقعو پيش اچي چڪو آهي پر تنهن هوندي به پوسٽ مارٽم رپورٽ کان اڳ ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جنهن لا اسان في الحال پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار ڪنداسين. فوت ٿيل شاگردياڻي نوشين سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بخاري جي ڏوهٽي ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر سيد هدايت علي شاهه جي ڌي هئي. لاڙڪاڻي وڃڻ کان اڳ رابطو ڪرڻ تي سيد هدايت علي شاهه جو چوڻ هو ته ڌي بابت اطلاع مليا آهن، لاڙڪاڻو وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ نوشين چانڊڪا ڪاليج لاڙڪاڻو وئي هئي، نوشين خودڪشي نٿي ڪري سگهي، شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، نوشين جي اوچتي وڇوڙي تي سندس والد روئي ويٺو. نوشين جو تڏو دادو شهر جي مُکي گهٽي ۾ سيد جهنگل شاهه درگاهه تي وڇايو ويو آهي. دادو جي شهرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، دادو جي سول سوسائيٽي آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button