سنڌ

نصيرآباد ۾ بدامني وڌڻ خلاف شهري اتحاد پاران تحريڪ جو اعلان

نصيرآباد مان ٽي ڏينھن اڳ واپاري اسلم شيخ جي پٽ کان لکين رپيا ڦر ٿيڻ ۽ شھري اتحاد جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران هنيل ڌرڻي باوجود نصيرآباد پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو. ڌرڻي دوران ڊي ايس پي خادم حسين بليدي طرفان ورتل ٻن ڏينھن واري مھلت اڄ ختم ٿي وئي. شھري اتحاد جي اڳواڻن سينگار نوناري، عنايت تنيو، معشوق ڦلپوٽو، ابراهيم چانڊيو، عمر چٽو، واپاري اسلم شيخ، بشير شيخ، رئوف شيخ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نصيرآباد جي شھرين کي گذريل وڏي عرصي کان روزانو ڦرن، چورين ۽ ڌاڙن کي منھن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڏوهاري سرعام شھر، روڊن، رستن ۽ گھٽين مان ڦرون ۽ چوريون ڪرڻ کان علاوه ڪنھن جي دڪان ۾ ته ڪنھن جي آفيس ۾ گھڙي زوري هٿيارن جي زور تي شھرين کي ڦرين پيا ۽ آساني سان فرار ٿين پيا. جنھن جو اهم سبب هتان جِي پوليس جِي نااهلي، لاپرواهي ۽ ناڪامي آهي. هنن چيو ته ٽي ڏينھن اڳ شھر جي معزز واپاري کان وچ شهر مان لکين رپين جِي ٿيل ڦر بعد ڪيل احتجاج دوران پوليس پاران ورتل مھلت ختم ٿي چڪي آهي، جنھن خلاف سخت احتجاج ڪبو. هنن ايندڙ جمعي تي جنرل ڪائونسل جو اجلاس گھرائڻ ۽ بدامني خلاف سخت تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button