سنڌ

نيو سعيدآباد ۾ هٿياربندن دڪان تي ويٺل ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو

نيوسعيدآباد ۾ اوطاق تي ويٺل ٻن ڀائرن کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب نيوسعيدآباد جي ڳوٺ ڀلي ڏنو ڪاڪا ۾ ڪاڪا ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ٻه خون ٿيا آهن، موٽر سائيڪلن تي سوار نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري پنھنجي اوطاق تي ويٺل شوڪت علي پٽ خير محمد ڪاڪا ۽ سندس ڀا محبوب علي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد آندا، جتي پوسٽ مارٽم نه ٿي سگھيو، جنهن بعد لاش پوليس ڪسٽڊي ۾ لمس اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا ويا. رابطو ڪرڻ تي تعلقي اسپتال جي ايم ايس اسد شاھه ٻڌايو ته قتل ڪيل ڀائرن جي جسم ۾ گولين جا بلٽ ڦاٿل آھن جيڪي ھتي نڪري نه سگھيا، ان ڪري کين لمس حيدرآباد موڪليو ويو آھي. ٻئي طرف ڊي ايس پي عطا محمد ڏاھري ٻڌايو ته مقتول ڀائرن جو قمرالدين ڪاڪا وارن سان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن ڪري کين حملو ڪري قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لا سندن گھرن تي ڇاپا ھنيا آھن پر اھي روپوش ٿي ويا آھن، قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا. پوليس جوابدارن جون ٻه موٽر سائيڪلون تحويل ۾ ورتيون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button