پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ گسٽا اڳواڻ محمود چوهاڻ جي اڳواڻي ۾ جشن آزادي مبارڪ جي زبردست ريلي، سوين شاگرد ۽ استاد شريڪ

حيدرآباد ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ گسٽا جي سڏ تي زبردست جشن آزادي مبارڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين شاگردن، استادن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. نول را اسڪول گول بلڊنگ کان نڪتل ريلي جي اڳواڻي گسٽا جي ڊويزنل صدر محمود چوهاڻ ۽ ٻين ڪئي، ريلي گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي، جتي شاگردن ۽ استادن پاڪ فوج ۽ ملڪ جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي گسٽا جي ڊويزنل صدر محمود چوهاڻ، ضلعي صدر عبدالقيوم شيخ، حيدرآباد سٽي جي صدر محمد نعيم، رميز راجا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 14 آگسٽ تي اسان جو ملڪ آزاد ٿيو، اسان اڄ پنهنجي وڏن جي قربانين جي ڪري آزاد زندگي گذاري رهيا آهيون، پاڪستان هڪ پرامن ۽ زميوار ملڪ آهي، پاڪ فوج جي محنت ۽ قربانين سبب ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي. هنن وڌيڪ چيو ته والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم جي زيور سان نوازين. ريلي ۾ گسٽا اڳواڻ رميز راجا، فقير ذيشان ميمڻ ۽ حمادالحسن سميت سوين استادن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button