پاڪستانسنڌ

ايس يو پي پاران سڄي سنڌ ۾ يوم نجات ريليون

حيدرآباد: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صوبي ۾ پ پ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ جي خوشي ۾ يوم نجات ملهايو. اڪثر شهرن ۾ ڪارڪنن ريليون ڪڍي مٺائي ورهائي. حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ نسيم نگر چوڪ تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي. عمرڪوٽ ۾ گل بجير، ساند علي نواز مڱريو، سياف اڳواڻ آزاد لال حسین، شاهد ساند، مير معشوق پلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يومِ نجات ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي. دادو ۾ ايس يو پي ڪارڪنن امتياز عمراڻي، منٺار ٻٻر، عادل سيال، بابر سهاڳ، ياسين سومرو ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جهنڊا کڻي يوم نجات ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. بدين ۾ ايس يو پي طرفان يوم نجات جي موقعي تي ضلعي صدر حيدر علي شاھھ، عثمان بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري مٺائي ورهائي وئي. نصيرآباد ۾ مدينه ماڊل اسڪول کان يوم نجات ريلي ايس يو پي جي اڳواڻن محب علي ڦلپوٽي، علي گل ڪانڌڙي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ منصور سومري جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ سڄي سنڌ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي يوم نجات ملهايو پيو وڃي، پ پ جي 15 ورهين جي ڪاري دور جي پڄاڻي ٿي آهي، سڄي سنڌ يوم نجات ملهائي رهي آهي ۽ سنڌي قوم پنهنجي وطن جي هر وسيلن جي مالڪي ۽ وارثي ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button