
لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ ۽ ايم پي اي معظم علي خان عباسي ريشم گلي ۾ سرائي علي گوهر قناسرو جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي جتي کيس ٽوپي ۽ اجرڪ پارايو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي معظم علي خان عباسي چيو ته لاڙڪاڻي جي شهرين جو شڪر گذار آهيان جن اعتماد ڪندي مونکي سنڌ اسيمبلي ۾ پهچايو، آئون ڪوشش ڪندس ته لاڙڪاڻي جي عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهان. هن چيو ته زرداري حڪومت عوام دشمن حڪومت آهي جنهن ڪري لاڙڪاڻي ۾ تعليم ۽ صحت جون به سهولتون عوام کي ميسر ناهن، ان مان ثابت آهي ته سنڌ حڪومت عوام سان ڪونه نڀايو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻو عوامي اتحاد عوام جو حقيقي ترجمان ثابت ٿيندو ۽ آئون لاڙڪاڻي جي عوام جو آواز بڻجي هميشه انهن سان گڏ هوندس.