سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پنجاب واسڻ جو جنسي زيادتي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو سيهڙ اسٽيشن ۾ پنجاب جي رهواسڻ شادي شده عورت سان مبينا جنسي زيادتي خلاف احتجاج ڪيو. متاثر عورت مڙس سميت ايس ايس پي آفيس پهچي شڪايت ڪندي جوابدار خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. پنجاب واسڻ دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي سيهڙ اسٽيشن واسي سان گڏ منهنجو مڙس ڪراچي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو، 8 نومبر تي مڙس سان گڏجي لاڙڪاڻي آيس ۽ 3 ڏينهن بعد مڙس پنجاب هليو ويو ته سندس دوست مونکي ٻه راتيون ماني ۾ نشو ڏيئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ هڪ رات مونکي جوس ۾ نشو ڏنو، جيڪو جوس نه پيئڻ ڪري مونکي نشو نه ٿيو ۽ مون مڙس جي دوست کي زيادتي ڪندي پڪڙي پنهنجي مڙس کي فون تي اطلاع ڏنو، جنهن بعد اسان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button