سنڌ

دودو ڀيل جي قتل ڪيس جا مک جوابدار ضمانت تي آزاد

ٿر ڪول ايريا جي پورهيت دودو ڀيل قتل ڪيس جا مک جوابدار ڪمانڊر ڪاشف ۽ قمر عباس ضمانت ٿيڻ بعد مٺي جي سب جيل مان آزاد ٿي ويا. جڏهن ته سب جيل آڏو پهتل صحافين کي سيڪيورٽي ادارن ڪوريج کان روڪي ڇڏيو ۽ موبائيل فون ڦري فوٽيج ڊليٽ ڪيا ويا. مٺي جي عدالت مان دودو ڀيل جي قتل ڪيس جي مک جوابدارن جي گذريل ڏينهن ضمانت منظور ٿي هئي، جنهن بعد عدالت مان ضمانت واري حڪم جي آرڊر ڪاپي سب جيل پهچڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو. جوابدارن ڪاشف ڪمانڊر ۽ قمر عباس جي آزادي وقت وڏي انگ ۾ سندن دوست ۽ ڪمپني ملازم هار ۽ مٺايون کڻي سب جيل آڏو پهچي ويا. ها پروفائيل دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ جوابدارن سان وارثن هڪ ڪروڙ ۽ ڪجهه نوڪرين عيوض ٺاهه ڪيو ۽ نو آبجيڪشن جي عدالت ۾ درخواست ڏني هئي. دودو ڀيل قتل خلاف سڄي سنڌ ۾ باشعور ڌرين سخت احتجاج ڪيو هو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button