سنڌ

ڊکڻ ويجهو وڌندڙ بدامني خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ڊکڻ ويجهو نبي شاهه ٿاڻي جي حد قادري شاخ اسٽاپ تي بدامني خلاف جيڪب آباد-رتوديرو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي محمد عمر بروهي، محمود بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صبح سوير زرعي زمين تي موٽرسائيڪل بيهاري ته نامعلوم چاٻي چور موٽر سائيڪل ڪاهي ويا آهن. اطلاع ڏيڻ باوجود نبي شاهه پوليس ناهي پهتي. نااهل ايس ايڇ او نبي شاهه کي هٽائي موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته اسان جي حد مان موٽر سائيڪل چوري ناهي ٿي، رتوديرو ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button