سنڌ

ڳڙهي ياسين جو نوجوان اغوا، ڌاڙيلن 30 لک ڀنگ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ نبي بخش اوڍو واسي 5 ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان مشتاق احمد اوڍو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مغوي مشتاق احمد اوڍو جي ڀا برڪت علي اوڍو ٻڌايو ته 5 ڏينھن اڳ منھنجو ڀا ڳڙھي ياسين ويو، جيڪو رات دير تائين گھر واپس نه آيو ۽ نمبر به بند مليو، اسان مائٽن ۽ دوستن کان پڇا ڪئي پر ھن جو ڪو ڏس پتو نه پيو، ھن چيو منھنجو ڀا ڪيترائي ڏينھن مختلف درگاھن تي وڃي رھندو ھو ۽ ڪجھه ڏينھن گذرڻ بعد پاڻ مرادو گھر واپس ايندو ھو، اسان سمجھيو ته ھو ڪنھن درگاهه تي ويو ھوندو ۽ واپس موٽي ايندو، ان لا وڌيڪ ڳولا نه ڪئي، اڄ ھن پنھنجي نمبر تان ڪال ڪري روئيندي ٻڌايو ته مون کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آھي ۽ 30 لک ڀنگ گھري رھيا آھن، 5 ڏينھن ۾ ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌاڙيل مون کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھن چيو ته منھنجي ڀا اھو ٻڌايو ته ڌاڙيل مون کي اغوا ڪري بلوچستان کڻي آيا آھن پر ھن اھو نه ٻڌايو ته مون کي ڪٿان اغوا ڪيو ويو آھي ۽ بلوچستان جي ڪھڙي علائقي ۾ رکيو آھي. ھن چيو ته ڀا جي اغوا جو آغا فارم ٿاڻي ۽ ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button