ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ نبي بخش اوڍو واسي 5 ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان مشتاق احمد اوڍو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مغوي مشتاق احمد اوڍو جي ڀا برڪت علي اوڍو ٻڌايو ته 5 ڏينھن اڳ منھنجو ڀا ڳڙھي ياسين ويو، جيڪو رات دير تائين گھر واپس نه آيو ۽ نمبر به بند مليو، اسان مائٽن ۽ دوستن کان پڇا ڪئي پر ھن جو ڪو ڏس پتو نه پيو، ھن چيو منھنجو ڀا ڪيترائي ڏينھن مختلف درگاھن تي وڃي رھندو ھو ۽ ڪجھه ڏينھن گذرڻ بعد پاڻ مرادو گھر واپس ايندو ھو، اسان سمجھيو ته ھو ڪنھن درگاهه تي ويو ھوندو ۽ واپس موٽي ايندو، ان لا وڌيڪ ڳولا نه ڪئي، اڄ ھن پنھنجي نمبر تان ڪال ڪري روئيندي ٻڌايو ته مون کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آھي ۽ 30 لک ڀنگ گھري رھيا آھن، 5 ڏينھن ۾ ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌاڙيل مون کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھن چيو ته منھنجي ڀا اھو ٻڌايو ته ڌاڙيل مون کي اغوا ڪري بلوچستان کڻي آيا آھن پر ھن اھو نه ٻڌايو ته مون کي ڪٿان اغوا ڪيو ويو آھي ۽ بلوچستان جي ڪھڙي علائقي ۾ رکيو آھي. ھن چيو ته ڀا جي اغوا جو آغا فارم ٿاڻي ۽ ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close