سنڌ

ترائي ڀرسان ها اسڪول ۾ ثقافتي تقريب،قومي گيتن تي ٽيبلوز

ترائي شهر ڀرسان ها اسڪول ۾ ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ٿي، جنهن ۾ استاد ۽ شاگرد سنڌ جو ثقافتي ويس پائي شريڪ ٿيا. ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريرون ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پڻ ٿيا. جڏهن ته ٻارن ۾ ملھه مقابلو پڻ ٿيو. ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته زندهه قومون پنھنجا ثقافتي ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهائي دنيا کي پيغام ڏينديون آهن ته اھي پنھنجي ثقافت سان ڪيترو پيار ڪن ٿا. انھي موقعي تي اسڪول جي سرپرست اقبال جوڻيجو، منور ميمڻ، محبوب علي رند چيو ته سنڌي ميڊيا ھن ڀيري ثقافتي ڏهاڙو تعليم جي حوالي سان ملھائي بھترين عمل ڪيو آهي، اسان کي پنهنجي تعليم جي بھتري لاءِ ڪوششون وٺي پنهنجي ٻچن کي تعليم ڏيڻي پوندي. استادن چيو تہ معاشري جي حقيقي تبديلي تعليم ذريعي ئي اچي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button