پاڪستانعالمي

ڪرونا جي نئين قسم جي پکڙجڻ جو خدشو، پاڪستان 7 ملڪن تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون

اسلام آباد: ڪرونا وائرس جي نئين قسم “اومي ڪرون” جي پکيڙ کي ڏسندي پاڪستان هانگ ڪانگ ۽ 5 آفريقي ملڪن تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. ڪرونا خلاف اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب هانگ ڪانگ، ڏکڻ آفريقا، موزمبيق، نميبيا، ليسوٿو، اسواتيني ۽ بوٽسوانا تي سفري پابنديون هنيون ويون آهن. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سڀني 7 ملڪن کي ڪيٽيگري سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن ملڪن مان مسافرن جي سڌي ريت ۽ اڻسڌي آمد تي پابندي هوندي. اداري موجب ايمرجنسي ۾ سفر ڪندڙ پاڪستانين کي سفر جي اجازت وٺڻي پوندي ۽ پاڪستاني مسافرن کي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ايئرپورٽ تي ڏيکارڻو پوندو. اين سي او سي چيو آهي ته پاڪستاني مسافرن کي 72 ڪلاڪ اڳ جي ناڪاري پي سي آر رپورٽ ڏيکارڻي پوندي، جڏهن ته ايئرپورٽ تي مسافر جي ريپڊ اينٽي جين ٽيسٽ ڪئي ويندي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب پابندي جو شڪار ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي سهولت لاءِ 5 ڊسمبر تائين سفر جي اجازت آهي پر مسافرن تي صحت ۽ ٽيسٽنگ پروٽوڪول لاڳو رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button