سنڌ

نوري آباد ۾ ڪار جو ٽرالر سان ٽڪر،ڊرائيور فوت،2 وڪيل زخمي

نوري آباد وٽ حيدرآباد جناح لا ڪاليج جي پرنسپال سينيئر وڪيل ناصر شاهه جي ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڊرائيور فوت ۽ ناصر شاهه دوست سميت زخمي ٿي پيو، موٽر وي روڊ تي نوري آباد ويجھو حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ جناح لا ڪاليج جي پرنسپال سينيئر وڪيل ناصر شاهه جي ڪار تيز رفتاري سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ڪار ڊرائيور ٽنڊو ڄام جو رھواسي منور علي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته وڪيل ناصر علي شاهه ۽ سندس دوست منور علي چنا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي حالت نازڪ ھئڻ سبب حيدرآباد سول اسپتال جي آ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، فوتي جو مڙهه پوليس ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، نوري آباد پوليس ٽرالر کي ڊرائيور سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button