سنڌ

پير آف ڀٽ شاهه نازڻ سائين لاڏاڻو ڪري ويو،سوڳ ۾ ڀٽ شاهه شهر بند

پير آف ڀٽ شاهه سيد نازڻ سائين حيدرآباد جي اسپتال ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، اهڙي اطلاع تي سوڳ ۾ ڀٽ شاهه شهر جو ڪاروبار مڪمل طور بند ٿي ويو، جڏهن ته عقيدتمند، چاهيندڙ ۽ ڀرپاسي جا رهواسي تڏي تي پهچي ويا. جڏهن ته جنازي نماز ۾ صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي، پ پ اڳواڻ ڄام ظهير علي خان، نظير احمد راهو، رٽائرڊ جج حسن فيروز، بلڙي شاهه ڪريم جي سجاده نشين سيد اسد علي شاهه، درگاهه ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه، سيد ناز لطيفي سميت ڀٽائي خاندان جي فردن ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين، شهرين ۽ مريدن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کانپو تدفين درگاهه جي صحن ۾ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button