سنڌ

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سدائين ڪوڙ کي للڪاريو آهي:اديب/شاعر

سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن چيو آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سدائين سچ جو علم ھٿ ۾ کڻي ڪوڙ کي للڪاريو آهي، هو ٻاراڻي ادب جو وڏو نالو آهي. اھڙو خيالن جو اظهار هنن ڪالهه بزم روح رهاڻ پاران قاسم آباد ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شعري مجموعي “الا اڱڻ ٽانڊا” جي پڌرائي واري تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو، تقريب دوران ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي حميد سنڌي ايوارڊ ڏنو ويو. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي شاعر اديب پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ٻاراڻي ادب ۾ وڏو نالو آهي ۽ اھو ھڪ سندس وڏو ڪارنامو آهي، ھو شاعري ۾ دشمن پري ۽ دوستن کي ويجهو ڪرڻ جون دعائون ڪري رھيو آھي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو ته مون جيڪو لکيو اهو سچ آهي، منهنجي شاعري ھن دور جو آواز آهي، مون شخصيتن کي نه پر انهن جي عمل کي ننديو آهي، بزم روح رهاڻ جي محفل ۾ منهنجي ڪتاب جي پڌرائي ٿي، ان تي خوشي محسوس ڪريان ٿو. اڳوڻي ايم پي اي نسرين چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اندر جي اظهار کي شاعريءَ جو ويس پارايو آهي، ھن ھميشه سچ لکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button